رهاڻ هيرن کاڻ 6

رهاڻ هيرن کاڻ 6

رهاڻ هيرن کاڻ 6

رهاڻ هيرن کاڻ 6 (ڪتاب) جلد ڇهون: هي ڪتاب سنڌ جي نامور عالم، اديب، مؤرخ، لوڪ ادب جي ڄاڻو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي روايتن متعلق ڪيل ڪچهرين تي مشتمل ڪتابي سلسلي جو ڇهون جلد آهي، جنهن ۾ مهاڳ سميت هيٺيان عنوان شامل آهن: تاريخ؛ سورهيه صبغة الله شاهه جي شخصيت؛ ويا سي وينجهار؛ سنڌ ۾ تصوف جي تاريخ؛ سنڌي ميان مظفر فقير صوفي؛ ظرافت، خوش طبعي؛ گلڻ مستوئيءَ جي مينهن جا پار؛ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ننڍپڻ؛ مخدوم عبدالله نريي وارو ۽ ٺٽي جا عالمَ؛ سنڌ جا اڳيان عالم، عارف ۽ علمي درسگاهون (نوح هوٿياڻي، مشائخ هوٿي، مخدوم ساند يا سعد، مهياڻي ميان، مدرسو ۽ ڪتبخانو، شاهه يقيق بخاري ۽ ميون عثمان عباسي)؛ حرن جي انگريزن جي حڪومت سان جنگ، سنڌ جا بورچي ۽ طعامن ٺاهڻ ۾ سندن مهارت.
هي ڪتاب ڊيمي سائيز جي 158 صفحن تي مشتمل آهي ۽ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، جنوري 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 72 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو